مير بزرگ بکري

مير بزرگ بکري: مير بزرگ ولد مير معصوم بکري، پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ سلطان نورالدين جهانگير جي خاص ماڻهن ۾ شامل ٿيو، جنهن دؤر ۾ سلطان خسرو ولد جلال الدين محمد اڪبر پنهنجي ڀاءُ جهانگير کان بغاوت ڪئي هئي، ان وقت ڪوٽوال شهر ۾ مير بزرگ کي مسلح حالت ۾ گرفتار ڪري مٿس اهو الزام هنيو ويو ته هيءُ خسرو بيگ جو ساٿي آهي، پر مير بزرگ ان الزام کان انڪار ڪيو، جنهن تي بادشاهه کانئس پڇيو ته رات جي وقت هٿيار کڻي نڪرڻ جو مقصد ڇا هو؟ تنهن تي مير بزرگ چيو ته مون کي پنهنجي والد وصيعت ڪئي هئي ته چونڪيءَ واري رات ضرور هٿيار کڻي هلندو ڪر. ان ڳالهه جي ٻين چوڪيدارن به شاهدي ڏني ته ان رات مير بزرگ جي چونڪيءَ جو وارو هو، جنهن جي ڪري هيءُ بادشاهه جي عتاب کان بچي ويو. بادشاهه ان لحاظ کان ته هي شاهي خاندان ۾ پلجي وڏو ٿيو هو، کيس سندس والد جي سموري ملڪيت ڏئي ڇڏي. هي ڪافي وقت تائين قنڌار ۾ سرڪاري ملازمن کي پگھارن ڏيڻ واري عهدي تي رهيو. هن جي والد مير معصوم بکريءَ بي انداز دولت ڇڏي هئي، جنهن کي هن بيدرديءَ سان خرچ ڪيو. هي ايترو ته مغرور هو، جو ڪنهن سان به اخلاق سان پيش نه ايندو هو. آخر ۾ بادشاهه کيس دکن طرف عهدو ڏئي موڪليو، پر مقرر پگھار مان سندس گذارو نه ٿيو، جنهن سبب واپس موٽي آيو. هيءُ شاعر به هو، هن جا ٻه ’قطعه تاريخ‘ به مليا آهن، جيڪي هن پنهنجي والد مير معصوم بکري جي مزار جي مينار جي تعمير وقت لکيا هئا. هن 1044هه/1634ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو